سرائي غلام سرور خان ڇڄڙو

سرائي غلام سرور خان ڇڄڙو: سرائي غلام سرور ولد غلام حسين خان ڇڄڙو، 1932ع ڌاري پنجوديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، بنيادي طور تي هيءُ زميندار گھراڻي سان واسطو رکندو هو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ اڪيڊمي هاءِ اسڪول شڪارپور مان، انٽر سنڌ مسلم ڪاليج مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ فوڊ اينڊ راشنگ آفيسر مقرر ٿيو، ڏيڍ سال بعد جڏهن ون يونٽ قائم ڪري صوبن جي حيثيت ختم ڪئي وئي ته هن احتجاجن نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ ڪراچيءَ ۾ قانون جي شعبي سان وابسته ٿي ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن دوران هن ’اسٽوڊنٽ يونائيٽيڊ فرنٽ‘ نالي پارٽي ٺاهي ۽ پاڻ ان جي ايڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ٿيو. هيءُ ’مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ‘ جو جنرل سيڪريٽري، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر، تعلقا ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو وائيس چيئرمئن ۽ ايڪٽنگ چيئرمئن ۽ قومي رضاڪار تنظيم جو ڪئپٽن پڻ رهيو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ والي بال راند جو بنياد وڌو ۽ پاڻ به سنڌ ۾ والي بال جي سٺن رانديگرن ۾ شمار ٿيندو هو. سرائي غلام سرور نهايت ئي مهمان نواز ۽ هڏڏوکي انسان هو، سندس سماجي تعلقات تمام وسيع هئا. سندس ويجھن دوستن ۾ قاضي فضل الله، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ذوالفقار علي ڀٽو وغيره قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو